جوني ليور عمران خان کي فيورٽ پاڪستاني ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو

بالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار جوني ليور پاڪستان جي اڳوڻن ڪپتانن عمران خان ۽ ظهير عباس کي پسنديدا پاڪستاني ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو.

هڪ انٽرويوءَ دوران جوني ليور پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ فنڪارن معين اختر، عمر شريف ۽ امان الله سميت ٻين بابت تفصيلي گفتگو ڪئي.

انٽرويوءَ دوران ميزبان کائنس پسنديدا پاڪستاني ڪرڪيٽر بابت پڇيو جنهن جي جواب ۾ جوني ليور پهريان اڳوڻي ڪپتان عمران خان جو نالو کنيو ۽ چيو ته عمران خان سندس پسنديدا پاڪستاني ڪرڪيٽر هو.

ان کانپوءِ جوني ليور اڳوڻي ڪپتان ظهير عباس جو ذڪر ڪندي چيو ظهير عباس زبردست بيٽر هو، هو سينچرين وارو شخص هو.

پاڪستاني ڪاميڊين سان دوستي بابت سوال تي جوني ليور چيو ته سندس معين اختر، عمر شريف، امان الله، رئوف لالا ۽ شڪيل صديقي سميت ٻين فنڪارن سان دوستاڻا لاڳاپا رهيا.

هن وڌيڪ چيو ته عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏاڍو ڏک پهتو، امان الله بهترين فنڪار هو، کيس ڀارت جي دوري تي پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏني هئي، ان موقعي تي اسان کوڙ ڳالهيون ڪيون هيون، افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اسان ٻئي گڏجي ڪم نه ڪري سگهياسين.

Read Previous

عظيم پرتگالي فٽبالر سوشل ميڊيا تي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

Read Next

ايشيائي ترقياتي بئنڪ مان پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالر قرض منظور

Most Popular