ملڪ ۾ سون جي نئين قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي

ملڪ ۾ سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، سون جو في تولو اگهه ۾ وڌيڪ 2 هزار 900 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 65 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 486 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 27 هزار 966 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 51 ڊالر وڌي ٻه هزار 566 ڊالر في اونس آهي.

Read Previous

رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

Read Next

عدليه تي حڪومت جو ڪنٽرول: آئيني بينچ ٺهندي، جج مقرري جو طريقو تبديل، نئون چيف جسٽس 3 ججز مان ٿيندو، حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻن ۾ ڪامياب : 26هين آئيني ترميم قومي اسيمبلي ۽ سيٽيٽ مان منظور

Most Popular