اسلام آباد: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ 26هين آئيني ترميم بابت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ دلچسپ ريمارڪس ڏنا آهن.
موسمياتي تبديلي اٿارٽي جي قيام بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جو ايڊيشنل اٽارني جنرل سان دلچسپ جهملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا موسمياتي تبديلي جي چيئرمين جو نوٽيفڪيشن جار يٿي چڪو آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اڃان تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي.
جسٽس منصور سوال ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اٽارني جنرل گذريل رات مصروف رهيو انهي لاءِ اڄ نه اچي سگهيو، جسٽس منصور علي شاهه کلندي چيو ته هاڻ ته سموريون مصروفيتون ختم ٿي چڪيون هونديون، ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل پيش ٿئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
مسابقتي ڪميشن بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه آئيني بينچ جو ذڪر ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي سوال ڪيو ته ڇا هي ڪيس هاڻ آئيني بينچ ۾ ويندو يا اسان به ٻڌي سگهون ٿا؟ هاڻ لڳي ٿو ته اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ روزاني اٿندو ته ڪيس عام بينچ ٻڌندو يا آئيني بينچ ٻڌندو.
وڪيل فروغ نسيم چيو ته سياسي ڪيسز هاڻ آئيني ڪيسز بڻجي چڪا آهن جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ کلندي ريمارڪس ڏنا ته ٺيڪ آهي! هاڻ اوهان ڄاڻو ۽ اوهان جي آئيني بينچ ڄاڻي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ٽن هفتن تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري رهيا آهيون تيستائين صورتحال به چٽي ٿي ويندي هونئن به اسان کي پاڻ اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ ۾ وقت لڳندو. جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته نئين ترميم پڙهي وٺون، آرٽيڪل 199 وارو ڪيس هتي نٿا ٻڌي سگهون.
12 Comments
cheapest buy enclomiphene cheap uk
enclomiphene and vytorin drug interactions
achat kamagra pharmacie livrer a domicile de medicaments
acheter kamagra generique acheter pharmacie en ligne
Buy androxal without a perscription overnight shipping
buying androxal price from cvs
buying flexeril cyclobenzaprine uk pharmacy
cheapest buy flexeril cyclobenzaprine cheap where
canadian cheapest dutasteride
buying dutasteride purchase line
gabapentin usa
How to get a to prescript gabapentin
online order fildena
buy fildena generic compare
cheap staxyn generic united states
buying staxyn generic ireland
ordering itraconazole purchase prescription
how to order itraconazole cost without insurance
how to buy avodart purchase prescription
get avodart usa cheap
cheapest buy xifaxan without prescriptions uk
cheap xifaxan lowest price
commander rifaximin generic
cheapest buy rifaximin generic buy online
Comments are closed.