
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم پوري عدالتي نظام تي حملو آهي ۽ اهو پاڪستاني آئين ۽ عدليه لاءِ ڪارو ڏينهن آهي
سينيٽ کان پوءِ 26هين آئيني ترميم جي قومي اسيمبلي مان منظوري لاءِ گهرايل اجلاس کي خطاب ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته آئيني ترميم کان پوءِ عدالتن کي محڪوم بنايو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين حڪومتي بينچن طرف اشارو ڪندي چيو ته هنن ايتري تنقيد مودي تي ناهي ڪئي جيتري اڄ عدليه تي ڪئي آهي، هن چيو ته نوازشريف شعر پڙهي آزاد عدليه جي توهين ڪئي آهي اسان انهي جي مذمت ڪريون ٿا.
بيرسٽر گوهر چيو ته ميموگيٽ ڪميشن ڪنهن ٺاهيو هو؟ نوازشريف ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي پائي عدالت ۾ آيو هو. هن چيو ته ايوان انهي وقت تائين ترميم نٿو ڪري سگهي جيستائين ريزرو سيٽون پوريون نه ٿين. انهي کان اڳ پي ٽي آءِ اڳوان ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب به قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ عمر ايوب چيو ته ترميم 31 آڪٽوبر تي منظور ٿئي ها ته ڪهڙو طوفان اچي ها، هي آئيني ترميم پاڪستاني عوام جي نمائندگي نٿي ڪري، آئيني ترميم آزاد عدليه جو گلو دٻائڻ جو عمل آهي.
هن چيو ته جن ماڻهن جو ٿورو ادا ڪيو پئي ويو اتي نامعلوم ماڻهن کي به شامل ڪريو ها، انهي ساري عمل ۾ اسان جي ميمبرن کي يرغمال بنايو ويو. چوڌري الياس، عثمان علي کي اغوا ڪري اڄ هتي آندو ويو. مبارڪ زيب جو ڀاءُ پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو، انهي کي غائب ڪري اڄ ظاهر ڪيو ويو. ظهور قريشي کي غائب ڪري اڄ هتي پيش ڪيو ويو، اونگزيب کهچي کي زبردستي غائب ڪرايو ويو. عمر ايوب چيو ته اسان جا ميمبر جيڪي حڪومتي بينچز تي ويٺل آهن انهن کي اسان جي صفن ۾ شامل ٿيڻ جو چيو وڃي.
13 Comments
ordering enclomiphene cheap genuine
get enclomiphene price in us
acheter kamagra pharmacie gratuit pilules
acheter générique kamagra australie
online pharmacy androxal australia
cheap androxal cheap online canada
dutasteride overnight no script
how to buy dutasteride australia generic online
discount flexeril cyclobenzaprine cheap usa
buy flexeril cyclobenzaprine american express canada
gabapentin no perscription worldwide
how to buy gabapentin generic ireland
discount fildena cost at walmart
buy fildena cheap generic uk
how to buy itraconazole no prescription usa
cheapest buy itraconazole cheap with fast shipping
online order avodart generic uk next day delivery
purchase avodart uk order
discount staxyn coupons
how to order staxyn generic london
how to order rifaximin generic work
cheap rifaximin generic canada no prescription
online order xifaxan purchase uk
order xifaxan generic order
kamagra žádné konzultace
není nutný předpis kamagra
Comments are closed.