آئيني ترميم پاڪستان جي جمهوريت تي راتاهو هنيو آهي: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع)  جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم پاڪستان جي جمهوريت تي راتاهو هنيو آهي، پر ان باوجود اهڙي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي جيئن ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ٿي هجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ 26هين آئيني ترميم جو بائيڪاٽ  ڪري سٺو ڪيو آهي پر بهتر تڏهن ٿئي ها جڏهن اها انهي سموري راند جو حصو نه بڻجي ها، جيڪڏهن هو ائين ڪن ها ته حڪومت کي اهڙي طرح پنهنجو پاڻ کي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها.

جماعت اسلامي جي امير پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو ته  ڏک پهتو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي آئين جي روح کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته اسان مشاورت ڪري رهيا آهيون ته آئيني ترميم جي معاملي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪهڙي طرح آواز اٿاري سگهون ٿا. 1973 جو آئين انتهائي مشڪل حالتن ۾ ٺهيو هو، آئيني ترميم جو مسئلو  ڪنهن پارٽي جو نه پر ملڪ ۽ قوم جو مسئلو آهي.

هن چيو ته مون کي ڏک پهتو آهي ته عدالتن  مان هونئن ئي انصاف نه پيو ملي، پر هاڻ وڌيڪ انصاف کي عدالتن ۾ يرغمال بنايو ويندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ انهي معاملي ۾ ماڻهن کي مصروف ڪيو ويو آهي ته جيئن  اصل مسئلن تان ماڻهن جو ڌيان هٽي وڃي.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي کٽيل ئي نه آهن.  ڪالهه پي ڊي ايم ٿري مڪمل طور تي فعال نظر اچي رهي هئي، مون کي خبر نه آهي ته نوازشريف ڇو ڏکويل نظر آيو، حڪومت جيڪو به ڪم ڪندي آهي اهو انهي جي ڳچي ۾ پوندو آهي.

آئيني ترميم بابت حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته عدليه تي قبضو ڪرڻ لاءِ اها ڪارروائي ڪافي ڏينهن کان جاري هئي، پارلياماني ڪميٽي ۽ وزيراعظم جي هٿ ۾ ججز جي مقرري جو معاملو ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي.

Read Previous

اختر مينگل آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ سينيٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي

Read Next

دبئي ۾ نوڪري: احتياطي تدابير ۽ صحيح معلومات جي اهميت

Most Popular