لي مارڪيٽ ۾ 4 عورتن جو قتل: جوابدار طرفان عدالت ۾ ڏوهه جو اعتراف، قتل جو سبب به ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: (بيورو ) لي مارڪيٽ ۾ گهر جي 4 عورتن کي قتل ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي قتل جو سبب به ٻڌائي ڇڏيو آهي.

ڪراجي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ لي مارڪيٽ ۾ گهر جي 4 عورتن کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار کان سوال ڪيو ته ڪهڙو سبب هو جو اوهان سمورن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو؟ جنهن تي جوابدار ٻڌايو ته اهي سمورا ماڻهو مون کي تنگ ڪندا هئا، عدالت چيو ته جيڪڏهن ايترو ئي تنگ ڪندا هئا ته اوهان گهر به ڇڏي وڃي سگهو ٿا. جوابدار عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ چيو ته مان وڊيوز ٺاهڻ جي ڪري صرف ڀيڻ کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي پر ٻين ماڻهن کي انهي لاءِ قتل ڪيو جيئن ڪوبه ثبوت نه بچي سگهي.

ٻڌڻي دوران پوليس موقف اختيار ڪيو ته جوابدار بلال قتل جي ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي ۽ قتل جي واقعي جو ڪيس گهر جي سربراهه محمد فاروق جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سي سي ٽي وي ڪڍڻ کان پوءِ جاچ ڪئي ته جوابدار بلال جي خلاف ثبوت مليا. گهر جي عورتن جو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ڌيان هجڻ قتل جو سبب بڻيو. جوابدار کان قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ڇري، رت وارا دستانا، ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

جنهن کان پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي جوابدار کي 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته گذريل هفتي لي مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت جي فليٽ مان تشدد ٿيل 4 عورتن جا لاش ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا هئا. مقتولن ۾ ماءُ، ڌيءَ، ڏوهٽي ۽ ننهن شامل هيون جن جون عمرون 51، 18، 19 ۽ 13 سال هيون.

Read Previous

دبئي ۾ نوڪري: احتياطي تدابير ۽ صحيح معلومات جي اهميت

Read Next

26هين آئيني ترميم: نئون چيف جسٽس ڪير ٿيندو؟ فائز عيسيٰ سڀاڻي رات تائين 3 نالا ڏيڻ جو پابند

Most Popular