
اسلام آباد: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي بيٽ واري نشان جي فيصلي خلاف نظر ثاني درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس وڪيل حامد خان کي عدالت ۾ سياست کي آڻڻ کان روڪيندي چيو ته تقرير ڪرڻي آهي ته ٻاهر وڃي ڪريو، 13 جنوري جي فيصلي ۾ ڪابه غلطي ظاهر ناهي ڪئي وئي.
چيف جسٽس قاضي فائزعيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل حامد خان لارجر بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪندي چيو ته اهو معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي ۽ نئون بينچ جوڙيو وڃي. موجوده 3 رڪني بينچ ڪيس نٿو ٻڌي سگهي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان انهي پوائنٽ کي پهريان ڇو نه اٿاريو، اوهان کيس کي هلايو، حامد خان دليل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مان اهڙي شخص جي سامهون دليل نٿو ڏئي سگهان جيڪو اسان جي خلاف ڌر بڻيل هجي.
چيف جسٽس چيو ته مان اوهان کي مجبور نٿو ڪري سگهان، عدالت ايندي سياست کي ٻاهر ڇڏي ايندا ڪريو، تقرير ڪرڻي آهي ته ٻاهر وڃي ڪريون، ائين نٿو ٿي سگهي ته اوهان جي مرضي آهي جيڪو به اچي اهو چئي ڇڏيو، عدالت ۾ سياست کي نه آڻيو.
چيف جسٽس چيو ته مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ نظرثاني درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. نظرثاني درخواست ۾ عدالتي فيصلن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريا ويا آهن.
جسٽس مصرت بلالي چيو ته ڌر جو الزام لڳائڻ جو سبب سامهون ناهي آيو، چونڊون ڪرائڻ جو ته 2 هفتن جو وقت ڏنو ويو هو. ائين ته ناهي ته اوهان مانهو انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ دلچسپي نٿا رکو؟ ۽ صرف عوام کان همدردي وٺڻ چاهيو ٿا.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن ڪيس ۾ جانبداري هئي ته درخواست ڇو نه ڏني وئي. سپريم ڪورٽ چيو ته عدالت ڌرين جي وڪيلن کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو پر ڪيس تي دليل نه ڏنا ويا. اسان جي ڏنل 13 جنوري جي فيصلي ۾ ڪابه غلطي ثابت ناهي ڪئي وئي. نظرثاني درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.
وڪيل حامد چيو ته پوءِ اوهان پنهنجي آرڊر ۾ اسان جو موقف به لکي ڇڏيو ته اسان دليل ڇو نه ڏنا؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان کي نه ٻڌايو ته آرڊر ۾ ڇا لکرائڻو آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ گوهر علي خان، نيازالله نيازي، علي ظفر به هئا. انهن مان ڪوبه دليل ڏيڻ چاهي ته ڏئي سگهي ٿو. حامد خان چيو ته مان موجوده بينچ جي سامهون دليل نٿو ڏيڻ چاهيان. ڪيس لاءِ نئون بينچ بڻجندو ته دليل ڏيندس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي ڪچهري ڪري ٿا وٺون اوهان کي ٻڌڻ ۾ مزو ايندو آهي.
وڪيل حامد خان چيو ته اسان لاءِ چيو پيو وڃي ته اسان انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون آهن، اسان انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون آهن جنهن کي اوهان پاڻ ڪالعدم قرار ڏنو. جسٽس محمد علي مظهر حامد خان سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان جي پارٽي جو چونڊ جو آئين شفاف آهي يا ته اوهان اهڙي آئين کي تبديل ڪري ڇڏيو يا انهي موجب انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايو.
بيرسٽر علي ظفر ٻڌڻي دوران روسٽرم تي 26هين آئيني ترميم جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اها بينچ هاڻ هي ڪيس ٻڌي ئي نٿي سگهي، نه ئي اسان انهي جي سامهون دليل ڏينداسين جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر ناهي ته ڪهڙي ترميم جو اسان جي سامهون ڪجهه نه آهي اسان کي نه ٻڌايو ته اسان ڇا ٻڌي سگهون ٿا ۽ ڇا نه.
13 Comments
online order enclomiphene without a script
buy cheap enclomiphene australia pharmacy
laboratoires discount pilules kamagra
kamagra sans ordonnance
androxal discount online
generic androxal canadian no prescription
online order flexeril cyclobenzaprine cheap canadian pharmacy
cheap flexeril cyclobenzaprine canada with no prescription
dutasteride cod overnight delivery
discount dutasteride price australia
order gabapentin cheap pharmacy
comprar gabapentin sin receta medica
purchase fildena cheap pharmacy
buying fildena price in canada
ordering staxyn how to purchase viagra
ordering staxyn generic real
how to buy itraconazole generic a canada
how to buy itraconazole generic best price
purchase avodart generic in canada
cheapest buy avodart price usa
buy cheap rifaximin new zealand buy online
buy rifaximin uk buy online
buy cheap xifaxan buy uk no prescription
online order xifaxan cheap online no prescription
koupit recept kamagra online
kamagra generique
Comments are closed.