اسلام آباد: افغان طالبان جو 7 رڪني وفد افغان امن عمل جي معاملي تي ڳالهين جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو. ذريعن موجب افغان طالبان جي سياسي آفيس جو وفد ملا عبدالغني برادر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهتو آهي. افغان وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي. ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته افغان طالبان جو وفد پاڪستاني اڳواڻن سان افغان مفاهمتي عمل بابت ڳالهيون ڪندو.