اميد ته وزير اعظم سنڌ جي ماڻھن جي سار لھندو : مراد علي شاهه

سانگهڙ/عمرڪوٽ : وڏي وزير جو اچانڪ عمرڪوٽ جو دورو, ٻوڏ متاثر ماڻھن سان ملاقاتون. خبر موجب وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ ٻوڏ متاثرن جي سھاتا لاء عمرڪوٽ پهچي ويو, ٻوڏ متاثر ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٻوڏ متاثر ڪئمپ تي ميڊيا تي ڳالھائيندي چيو ته آئون آصف زرداري جي چوڻ تي پوري سنڌ جو دورو ڪري رهيو آھيان ۽ روينيو کاتي کي پابند ڪيو آهي ته اھي جلد سروي ڪري ٿيل نقصانن جي رپورٽ ڏين جيئن متاثرن جي وقت سر مدد ڪري سگھجي. هن چيو ته وفاق جو به حق ٿي ٿو ۽ اميد آھي ته وزير اعظم سنڌ جي ماڻھن جي سار لھندو. هن چيو ته تيز برساتن سبب پوري سنڌ سميت عمرڪوٽ ضلعي ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي ڪچي جا هزارين گهر ٻڏي ويا آهن اسانکي غريبن جو احساس آهي ۽ غريبن کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ٿو ڇڏي سگھجي هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ماني جو بندوبست ڪري رهيا آھيون, اسڪولون کولرائي ٻوڏ متاثرن کي ويهارينداسين. هن چيو ته 2011 کان وڌيڪ حالات خراب ٿيا آھن, 1931 کانپوء هي زوردار برسات آئي آھي. هن چيو ته هن موقعي تي سياست نه ڪرڻ کپي, هنن کي اندازو ئي ڪونهي ته ماڻھن جي مدد ڪيئن ڪجي, برسات سبب ڪنري منڊي ٻڏي وئي آھي ڪنري منڊي لاء به پلان جوڙيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت بي گهر ٿيل سان گڏ آهي ڏکي مهل ۾ ڪنهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو متاثرن جي بحالي لا۽ سنڌ حڪومت ڪوششون ڪري پئي ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي ٻوڏ متاثرن جي ٿيل نقصان جو سنڌ حڪومت ازالو ڪندي. جڏھن ته ساڻس گڏ صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ, نواب يوسف ٽالپر, نواب تيمور ٽالپر, سيد ناصر شاھ, راڻا همير سنگھ, سيد امير علي شاھ, ڊاڪٽر نور علي شاھ, سشيل ملاڻي, سراج سومرو سميت انتظاميه ۽ ٻيا هئا.ٻئي طرف  سانگهڙ ضلعي اندر برساتن سبب ٿيل تباهه ڪاري جي سلسلي ۾اڄ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سانگهڙ سميت ٻين ضلعن ۾ برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ اعلي سطحي ڪاميٽيون جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي

جڏهن ته سڄي صوبي ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي پڻ جوڙي پئي وڃي جنهن تحت صوبي جي سمورين سم نالن. ڪينالن ۽ واهن جي ڪپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپرو جي ڳوٺ جمال آباد ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه. فراز احمد ڏيرو. ايم اين اي شازيه مري. نويد ڏيرو. پ پ پ اڳواڻ علي حسن هنڱورجو. سرفراز راڄڙ. ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاهه. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ۽ ٻين چونڊيل نمائندن سان گڏ کپرو پهتو جتي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته فصلن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ سروي جو ڪم پڻ جاري آهي جنهن جي لاءِ اعلي سطح جون ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته انهن ڪاميٽين جي رپورٽ جي آڌار تي متاثر خاندانن ۽ آبادگارن جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو ۽ انهن کي معاوضو پڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته برسات سبب متاثر ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سمورن عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي متاثرن جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪن ۽ هيٺانهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائن. هن چيو ته پي ڊي ايم اي طرفان گهربل مشينري. خيما ۽ ٻيو گهربل سامان فراهم ڪيو ويو آهي جيڪو متاثرن ۾ ورهائي رهيا آهيو. هن چيو ته برسات سبب ٿيل لڏپلاڻ کي نظر ۾ رکندي محفوظ جاين تي رليف ڪيمپ قائم ڪيون ويون آهن جتي تحفظ. کاڌو. پيئڻ جو صاف پاڻي. دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪري رهيا آهيون ته جئين متاثرن کي فوري رليف فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سانگهڙ ۾ 2011 کان وڌيڪ برسات پئي آهي ۽ ضلعي سانگهڙ کي ﷲ تعالي آزمائش ۾ وڌو آهي عوام جو وڏو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته سانگهڙ ۾ امدادي سامان جي گهرج پڻ تمام گهڻي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت وٽ هن وقت 42 هزار خيما موجود آهن. هن چيو ته دادو. بدين. ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ هي آفت آئي آهي. 

Read Previous

نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسن وهڻ ۾ برسات جي وسڪاري سبب ڪري پٽ پيل متاثر واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نواز شريف کي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم

Most Popular