ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا جا 212 ڪيس سامهون آيا آهن، ڪورونا وگهي وڌيڪ 6 فوت ٿي ويا آهن، صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ2415 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين سنڌ ۾ ڪورونا جا هڪ لک 29 هزار827 ڪيس سامهون آيا آهن، 24ڪلاڪن دوران221 مريض ڪورونا کي شڪست ڏيڻ بعد صحتياب ٿي ويا آهن، ڪورونا متاثرن ۾ 147 ڪراچي جا شهري آهن