ڪراچي ڪنگز جا پرڏيهي رانديگر رهيل ميچون کيڏندا: ڊين جونز

ڪراچي ؛ پي ايس ايل فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڪوچ ڊين جونز چيو آهي ته ايونٽ جي رهيل ميچن ۾ ٽيم جا سمورا پرڏيهي رانديگر شامل ڪندا.واضح رهي ته 17 مارچ تي ڪورونا وائرس سبب پي ايس ايل 2020 کي روڪيو ويو هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 2020 جي رهيل ميچن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.بورڊ موجب ايونٽ جون چارئي رهيل ميچون 14، 15 ۽ 17 نومبر تي لاهور ۾ کيڏيون وينديون، 14 نومبر تي ايونٽ جو ڪواليفائر ۽ ايليمينيٽر ون ڊبل هيڊر جي بنياد تي کيڏيا ويندا ۽ ان جي ايندڙ ڏينهن ايليمينيٽر ٽو، جڏهن ته فائنل 17 نومبر تي ٿيندو.ان حوالي سان ڪراچي ڪنگز جي ڪوچ ڊين جونز سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي اميد جو اظهار ڪيو ته ٽيم ۾ شامل پرڏيهي رانديگر به پاڪستان ايندا.هوڏانهن ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر ڪيمرون ڊيلپورٽ تصديق ڪري ڇڏي آهي هو رهيل ميچن لاءِ پاڪستان ايندو.

Read Previous

اڄوڪن ڊرامن ۾ شادي ۽ طلاق کانسواءِ ٻيو ڪو موضوع ئي ناهي: بشريٰ انصاري

Read Next

نصير آباد: برسات کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود شهر ۾ برسات جو پاڻي بيٺل

Most Popular