اڄوڪن ڊرامن ۾ شادي ۽ طلاق کانسواءِ ٻيو ڪو موضوع ئي ناهي: بشريٰ انصاري

ڪراچي :  سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري اڄڪلهه جي ڊرامن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي شادي، طلاق ۽ لاڳاپن جهڙن موضوعن کان ٻاهر ئي نه پيا نڪرن.هڪ انٽرويو ۾ بشريٰ انصاري موجوده دور جي فنڪارن جي پي ٽي وي جي دور جي فنڪارن سان ڀيٽ ڪندي چيو ته ڪيترن ئي نون ليکڪن کي موقعو ناهي ملندو، انهن کان ڏهوڻ تي باصلاحيت ماڻهو موجود آهن، جيڪي سامهون ناهن اچي سگهيا.هن چيو ته ڪمرشل ٽي وي سٺي ڳالهه اها آهي ته هڪ نوڪرياڻي جو ڪردار نڀائيندر به 50 هزار گهر کڻي وڃي ٿي، اسان کي ته هفتو ڪم ڪرڻ جا 8 سئو رپيا ملندا هئا.سندس چوڻ هو ته اڄ جا ڊراما شادي، طلاق ۽ لاڳاپن کان ٻاهر ئي نه پيا نڪرن.واضح رهي ته اڄڪلهه بشريٰ انصاري جو پنهنجو لکيل ڊرامو ”زيبائش“ نجي ٽي وي چئنل تي ڏيکاريو پيو وڃي، جنهن ۾ بشريٰ انصاري جو پڻ اهم ڪردار آهي ۽ ان جي ڪهاڻي به طلاق ۽ مڙس جي ٻي عورت سان لاڳاپن تي ٻڌل آهي.ڊرامي جي حوالي سان بشريٰ انصاري چيو ته ان ۾ پي ٽي وي جو رنگ نظر اچي ٿو، ڊرامي جا ڊائلاگ پي ٽي وي جي ڊرامن جي ياد ڏيارين ٿا.سندس موجب ڊرامي ۾ جيتوڻيڪ طلاق ٿئي ٿي پر اهو طلاق جي چوڌاري نٿو گهمي، ان ۾ باقي ڪردار به اهميت رکن ٿا.

Read Previous

بلوچستان جي سرياب روڊ تي بم ڌماڪو، 4 ڄڻا زخمي

Read Next

ڪراچي ڪنگز جا پرڏيهي رانديگر رهيل ميچون کيڏندا: ڊين جونز

Most Popular