سرفراز احمد انگلينڊ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد مانچسٽر ۾ انگلينڊ جي خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد، يونس خان جي سمجهائڻ ۽ مصباح الحق پاران يقين ڏيارڻ کان پوءِ ميچ کيڏڻ تي راضي ٿيو. چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سرفراز احمد انڪار نه ڪيو هو ان جا خدشا هئا جيڪڏهن مان به سرفراز احمد جي جڳهه  هجان ها ته مان به ائين ئي ڪريان ها.  هن ٻڌايو ته سرفراز احمد جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هئي جيڪي اسان ختم ڪري  ڇڏيا جنهن کان پوءِ معاملو اتي ئي ختم ٿي ويو. هن تصديق ڪئي ته سرفراز احمد منهنجي بابر اعظم ۽ يونس خان جي سمجهائڻ تي ميچ کيڏڻ جي لاءِ راضي ٿيو هو. مصباح وڌيڪ چيو ته سرفراز احمد مون کي انڪار نه ڪيو هو پر جڏهن اوهان کي سيريز جو آخري ميچ کيڏايو وڃي ته رانديگر کي يقيني طور تي ڳڻتي هوندي آهي. ڳڻتي  سبب سرفراز احمد پنهنجي خدشن کان ٽيم انتظاميه کي آگاهي ڏني. چيف سليڪٽر موجب سيريز جو آخري ميچ هو ان لاءِ منهنجي مٿان دٻاءُ هو.

Read Previous

پاڪستاني اداڪاره نمره خان زخمي ٿي پئي

Read Next

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه جي امڙ جي ٽيجهي جو رسمون اڄ روهڙي ۾ ادا ڪيون وينديون

Most Popular