صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه جي امڙ جي ٽيجهي جو رسمون اڄ روهڙي ۾ ادا ڪيون وينديون

روهڙي : صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاه جي امڙ  جي ٽيجهي جو رسمون اڄ اربع ڏينهن روهڙي ۾  ادا ڪيون وينديون ، ٽيجهي جي موقعي تي مرحومہ جي روح کي ايثال ثواب لاء قصرناصر ، ڪربلا ميدان ،گانگوٽي گرائونڊ ۾ قرآن خواني، دعا ۽ خيرات ٿيندي  هوڏانهن ٻئي ڏينهن تي به عذر خواهي جو سلسلو جاري رهيو، ۽ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ سردارن سميت روهڙي پريس ڪلب جي وفد تڏي تي پهچي عذر خواهي ڪئي گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني جي فرزند عبدالقادر گيلاني، عبدالقادر پٽيل، نواب وساڻ، ڄام مھتاب ڏهر، فراز امتياز شيخ، حاجي خان مهر، اڳوڻو ايم پي اي حاجي انور مهر، ڊاڪٽر ارشد مغل، عبدالجواد عباسي، مجاهد بوزدار، محمد عثمان گهنڃو، محمد شفيق شيخ، محمد اسلم سومرو، جمشيد قريشي، شمس الدين کوسو، طفيل احمد سميت مختلف برادرين جي سردارن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل هزارين سياسي سماجي معززين تڏي تي پهچي سيد ناصر حسين شاه سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪئي،

Read Previous

سرفراز احمد انگلينڊ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

Read Next

غوثپور ڀرسان 6 ڏينهن پهريان مبينا اغوا ٿيل مقابلي بعد بازياب

Most Popular