ريلوي پوليس جي تشدد ۾ هوش وڃائي ويٺل نوجوان جي طبعيت ۾ سڌارو نه آيو،ڪنهن نوٽيس نه ورتو

ڪورنگي :   ڪوٽڙي کان ڪراچي ايندي مسافر ٽرين اندر  ريلوي پوليس ۽ ڪينٽ ريلوي ٿاڻي ڪراچي اندر  ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون محمدخان ڳوٺ جي رهواسي نوجوان ڪاشف ولد گداعلي سيلرو کي ريلوي پوليس اهلڪارن پاران  سخت تشدد ڪري کيس ذهني مريض بڻائڻ واري معاملي جو ريلوي پوليس اختيارين نوٽيس نه ورتو   جڏهن ريلوي پوليس هٿان  بدترين تشدد سبب ذهني مفلوج بڻيل متاثر نوجوان ڪاشف سيلرو جي حالت ۾ پڻ ڪو به  سڌارو نه اچي سگهيو آهي. جنهن سبب متاثر نوجوان جا وارث سخت پريشان آهن هوڏانهن ريلوي پوليس عملدارن طرفان نوجوان ڪاشف سيلرو کي جمساني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻائي کائنس 4 لک 16 سئو روپيا ۽ موبائيل فون ڦر ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر نوجوان جي وارثن پنهنجي وڪيل محمد افضل گدارو جي معرفت ڊسٽرڪٽ سيشن جج سائوٿ ڪراچي جي عدالت ۾  درخواست داخل ڪرائيندي  ايس ايس پي سائوٿ. فريئر ٿاڻي جي ايس ايڇ او. ايس پي ريلوي . وقاص سميت ٻين ريلوي پوليس عملدارن کي ڌر بڻايو آهي  عدالت سڳوري  درخواست ٻڌڻي لاء منظور ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 19  سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي ,ٻئي طرف ريلوي پوليس جي نوجوان مٿان انسانيت سوز تشدد ۽ رقم ڦر ڪرڻ واري معاملي  بابت ايس پي ريلوي کان موئقف وٺڻ لاء سندس موبائل فون تي صحافين طرفان رابطو ڪيو ويو پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.

Read Previous

سنڌ حڪومت پاران 6 مهينن بعد اسڪول کوليا ويا

Read Next

ڪار ۽ ڊمپر جي ٽڪر ۾فوت ٿيل 4 ڄڻن جي جنازا نماز نصيرآباد لڳ ادا ڪئي وئي

Most Popular