سرينگر قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران 4 ڪشميري نوجوانن ۽ هڪ عورت کي شهيد ڪري ڇڏيو. والاريل وادي ۾ قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي دوران فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين سميت هڪ عورتن کي شهيد ڪيو ويو ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج سرينگر ۾ نام نهاد سرچ آپريشن دوران 4 ڪشميري نوجوانن ۽ هڪ 45 ساله عورت کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شهادتن کان پوءِ به ڀارتي فورس جو علائقي ۾ سرچ آپريشن اڃان تائين جاري آهي جڏهن ته ڪنهن به امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس کي به معطل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سوپور ۾ قابض فوج تجر شريف جي علائقي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن دوران عرفان احمد نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو ۽ رات دير سان نوجوان جي تشدد ٿيل لاش اڇلي ويا. جڏهن ته اُڙي ۾ سرچ آپريشن جي دوران هڪ ڪشميري نوجوان کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.