ميڊونا پنهنجي زندگي تي پاڻ ئي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس:  آمريڪي گلوڪاره ميڊونا پنهنجي زندگي تي پاڻ ئي فلم  ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊونا پنهنجي ڪيريئر جي دوران 14 اسٽوڊيو البم مارڪيٽ ۾ آڻي چڪي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ميڊونا پنهنجي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي مصنف ۽ هدايتڪاره پاڻ هوندي هن فلم جي لاءِ هڪ وڏي اسٽوڊيو سان گڏ  تعاون ڪيو  ويندو پر اڃان تائين هن فلم جو نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي. ميڊونا هڪ تقريب ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته مان پنهنجي زندگي تي ٻڌل فلم کي پاڻ ئي لکندس ۽ ان جي هدايت به ڏيندس.  هن چيو ته مان بطور گلڪاره، موسيقار ۽ ڊانسر هن دنيا ۾ اڳيان وڌڻ جي پنهنجي ڪوششن جي يقين نه ڪرڻ جوڳي سفر کي پاڻ ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيان ٿي.

Read Previous

پاڪستاني اداڪاره ميرا مٿان ڌوڪي سان گهر پنهنجي نالي ڪرائڻ جو ڪيس داخل

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب عورت سميت چار ڪشميري نوجوان شهيد

Most Popular