ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ايمن خان ۽ منيب بٽ مٿان پنهنجي ڌيءَ جي سالگره ۾ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪرڻ تي هڪ دفعو ٻيهر سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. ايمن خان ۽ منيب بٽ اداڪاري جي لاءِ ته مشهور آهن پر ڪيترن ئي هفتن تائين جاري رهندڙ شادي جون تقريبون ۽ ان تي ٿيندڙ خرچن جي ڪري به هو سوشل ميڊيا جي نظرن ۾ رهيو ۽ سخت تنقيد جو نشانو به بڻجي ويو. ايمن خان ۽ منيب بٽ 2 سال اڳ شادي ڪئي هئي ان جي شادي ۾ ڪيتريون رسمون ۽ فنڪشنز شامل هئا. جنهن جي ڪري ان جي شادي ڪيترن ئي هفتن تائين هلي هئي ۽ هنن پنهنجي شادي جي هر فنڪشن ۾ پئسو دل کولي خرچ ڪيو هو. هڪ دفعو ٻيهر هي جوڙو سوشل ميڊيا جي نشاني تي آهي اصل ۾ ايمن خان ۽ منيب بٽ جي ڌيءَ امل منيب گذريل مهيني 30 آگسٽ تي هڪ سال جي ٿي وئي هئي. پر 30 آگسٽ تي ڪورونا جي ڪري ملڪ ۾ جاري لاڪ ڊائون ۽ محرم الحرام سبب هنن ٻنهي ڄڻن پنهنجي ڌيءَ جي پهرين سالگره سادگي سان ملهائي هئي جنهن ۾ صرف گهر ڀاتين شرڪت ڪئي هئي. سالگره جون تصويرون ۽ وڊيوز گذريل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهن ۽ صارفين هنن ٻنهي کي هڪ دفعو ٻيهر سالگره جي تقريبن تي گهڻو پئسو خرچ ڪرڻ جي لاءِ تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن.