شهري اتحاد پاران جوڙيل اينٽي بوگس ڊوميسائيل ڪميٽي جي اي ڊي سي ون رياض حسين لغاري سان ملاقات

سجاول: شھري اتحاد سجاول پاران جوڙيل اينٽي بوگس ڊوميسائل ڪميٽي ضلعي سجاول جي ميمبرن نثار ميمڻ،منيراحمد،عتيق الرحمان پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس سجاول جو دورو ڪري جاري ٿيل ڊوميسائل جي لسٽ سميت ۽ جعلي ڊوميسائل جي ڏنل لسٽ بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي رھيل تعلقن جي لسٽ جلد ڏيڻ تي زور وڌو جنھن کانپوء ڪميٽي اي ڊي سي ون رياض حسين لغاري سان ملاقات ڪري ساڻس جعلي ڊوميسائل بابت غور ڪيو ان وفد چيو ته سجاول ضلعي ۾ ڪيترائي جعلي ڊوميسائل ٺھيا آھن جنھن مان اسان ھن وقت تائين ست ماڻھن جا نالا ڏنا آھن پر اھي اڃا تائين رد نه ٿيا آھن نه انھن جي انڪوائري ڪئي وئي آھي ڪجھ جعلي ڊوميسائل ٺھيا آھن.انھن جا شاھد پڻ بيان تان ھٿ کڻي ويا آھن ته اسان انھن ماڻھن کي سڃاڻو نٿا خبر ناھي ڪنھن انھن جي شناخت ڪئي آھي پر پوء اڃا تائين رد نٿا ڪيا وڃن.رشوت عيوض سڀ ڪم اڃا ھلن پيا.جيڪڏھن جعلي ڊوميسائل رد نٿا ٿين ته اينٽي بوگس ڊومسائل ڪميٽي جلد  احتجاج جو اعلان ڪندي.ھوڏانھن اي ڊي سي ون رياض حسين لغاري چيو ته مون ڪوبه جعلي ڊوميسائل نه جاري ڪيو آھي نه ڪندس پنھنجي مقرري ۾ ڪنھن به غيرمقامي ماڻھو جو ڊومسائل جاري نه ڪيو آھي ھاڻ ڊوميسائل جاري ڪرڻ جا اختيار مون وٽ نه آھن باقي جيڪي توھان نالا ڏنا آھن انھن بابت ڊي سي سجاول سان ڳالھ ٻولھ ڪري ان معاملي کي ڪنھن به هڪ  پاسي ڪنداسين.

Read Previous

نوشهروفيروز لڳ ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،فائرنگ ۾ 2 سولنگي برادري جا ماڻهو قتل

Read Next

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشن وڌيڪ چوويهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪيا ويا

Most Popular