سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشن وڌيڪ چوويهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪيا ويا

ڪراچي : سڄي سنڌ ۾ اڄ صبح اٺين وڳي کان وڌيڪ 24 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رهندا. گيش پريشر  گهٽ هجڻ سبب گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب اڄ کان وڌيڪ 24 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رهندي. سنڌ ۾ اڳ ئي 48 ڪلاڪن کان سي اين جي اسٽيشن بند آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته مختلف گيس فيلڊز مان سسٽم ۾ ملندڙ گيس جي مقدار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي گهٽ پريشر  سبب گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل سيڪٽر جي طلب پوري ڪرڻ  ۾ انتهائي پريشاني پيش اچي رهي آهي.  سي اين جي اسٽيشن بند هجڻ سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ به گهٽ آهي.  پرائيويٽ ايمبولينس سروسز به بند آهي جنهن سبب ايدهي ۽ ڇيپا تي لوڊ وڌي ويو آهي. سوئي سدرن گيس اختيارين موجب گڏيل طور تي 100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي گهٽتائي ٿي وئي آهي جنهن سبب خانگي بجلي گهرن کي به گيس جي سپلائي متاثر ٿي رهي آهي. گيس لوڊ مينجمينٽ تحت سڄي سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنن کي گيس جي سپلائي متاثر ٿيڻ سبب ٻيهر بند ڪيو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته ايس ايس جي سي طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي گيس جي فراهمي ۾ کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ گيس ۾ گهٽتائي سبب بجلي جي پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. گيس جي فراهمي ۾ کوٽ سبب ڪجهه علائقن ۾ عارضي لوڊ مينجمينٽ جاري آهي.

Read Previous

شهري اتحاد پاران جوڙيل اينٽي بوگس ڊوميسائيل ڪميٽي جي اي ڊي سي ون رياض حسين لغاري سان ملاقات

Read Next

نوازشريف هاڻ ملڪ واپس نه ايندو: شيخ رشيد

Most Popular