لاهور: عالمي ثالثي عدالت عمر اڪمل ڪيس ۾ ڪنهن ويجهي ملڪ ۾ ٻڌڻي واري پي سي بي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڪرپشن ڪيس ۾ عالمي ثالثي عدالت وڌندڙ خرچ کي نطر ۾ رکندي ڪنهن ويجهي ملڪ ۾ ٻڌڻي جي پي سي بي واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، وڊيو لنڪ ٻڌڻي جي اپيل رد ٿيڻ جا پڻ امڪان آهن، البت عالمي ثالثي عدالت پاران وڊيولنڪ اپيل جو فيصلو ڪرڻ اڃان به باقي آهي، ذريعن موجب عمر اڪمل جا وڪيل وڊيولنڪ ٻڌڻي جي وڌيڪ حق ۾ ناهن.