جي جي حديد ۽ زين ملڪ ماءِ پيءُ بڻجي ويا

انگلينڊ: فلسطيني نزاد آمريڪي سپر ماڊل جي جي حديد ۽ برطانوي گلوڪار زين ملڪ کي ڌيءَ ڄائي آهي. برطانوي راڳي زين ملڪ ۽ آمريڪي سپر ماڊل جي جي حديد ٻنهي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڌيءَ جي پيدائش جي حوالي سان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جڏهن ته جوڙي ڌيءَ جي ڪا به تصوير شيئر نه ڪئي. زين ملڪ ڌيءَ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته اسان جي ڌيءَ صحتمند ۽ خوبصورت آهي، آئون هن وقت جيڪو محسوس ڪري رهيو آهيان اهو ناقابل بيان آهي، آئون هن کي ڌيءَ چوڻ تي فخر محسوس پيو ڪريان. ٻئي طرف اهڙي تصوير جي جي حدي به شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته اسان جي ڌيءَ هن هفتي ئي دنيا ۾ آئي آهي جنهن اسان جي دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي، اسان هن کي تمام گهڻو پيار ڪريون ٿا. 

Read Previous

ماضي جي آءِ پي ايل پارٽين ۾ ڪوڪين جي استعمال جو انڪشاف

Read Next

عمر اڪمل ڪيس: عالمي ثالثي عدالت ويجهي ملڪ ۾ ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular