لاهور: : هٿ جي انجري جو شڪار ٿيندڙ اوپنر احمد شهزاد جم ورڪ اوررننگ کان پوءِ هاڻ بيٽنگ ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هٿ جي انجري جو شڪار ٿيندڙ اوپنر احمد شهزاد جم ورڪ اوررنگ کان پوءِ هاڻ بيٽنگ ٽريننگ جي به شروعات ڪري ڇڏي آهي. هاءِ پرفارمنس سينٽر جي بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف جي رهنمائي ۾ کاٻي هٿ سان کيڏندڙ رانديگر پنهنجي ڪوتاهين کي ختم ڪري فارم حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. احمد شهزاد سان گڏ اظهر علي به بيٽنگ ڪوچ جي تجربي ۽ مشورن مان فيضياب ٿي رهيو آهي.