ڀارت ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڪم کان روڪي ڇڏيو، عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

نئين دهلي: :  ڀارت انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي  ۽ ان سان گڏوگڏ عملي کي به ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  ڀارتي اختيارين طرفان ايمنسٽي انٽرنيشنل جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. مودي سرڪار جا ناپاڪ ارادا بي نقاب ڪندڙ ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڪم کان روڪيو ويو. تنظيم طرفان چيو ويو آهي ته مودي حڪومت انتقامي ڪارروائين تي لهي آئي آهي. تنظيم جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرايا ويا آهن. ڀارتي حڪومت نٿي چاهي ته انهن کان ڪشمير ۽ دهلي ۾ ٿيندڙ مسلمانن خلاف  ٿيندڙ فسادن تي سوال ڪيو وڃي.  واضح رهي ته ڀارت جي فاشسٽ مودي حڪومت نه صرف والاريل ڪشمير ۾ جاري خونريزي کي لڪائڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي چڪي آهي پر ڪنٽرول لائين تي به لاڳيتو گولا باري ۽ فائرنگ سبب سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

Read Previous

غير معياري مواد جي پکيڙ سبب ٽوئٽر پنهنجو نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Read Next

پاڪستاني رانديگر احمد شهزاد صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي

Most Popular