شهدادڪوٽ : شھدادڪوٽ ۾ مسلم ليگ( ن ) جي ڪارڪنن جو پارٽي جي اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري خلاف هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ايڊووڪيٽ عبدالوهاب کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج دوران ليگي ڪارڪنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي . ان موقعي تي اڳواڻن ايڊووڪيٽ عبدالوھاب کوسو ڪامريڊ شعبان جمالي محمد اشرف ملڪ سميت ٻين چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد شھباز شريف جي گرفتاري جو سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ شھباز شريف جي گرفتاري عمران سرڪار ۽ نيب جي ڳٺ جوڙ آهي ھنن چيو ته عمران خان جي حڪومت عوام دشمن حڪومت آهي عمران حڪومت ۾ مھانگائي جي طوفان اچي ويو آهي مھانگائي ۽ بي روزگاري جي ڪري ملڪ جو عوام خودڪشيون ڪري رھيا آهن عمران خان جي حڪومت ملڪ جي بدنام ترين حڪومت ثابت ٿيندي آهي . ھنن جو چوڻ ھيو ته ھن ملڪ کي پاڪستان جو واحد ليڊر قائد ميان محمد نواز شريف ئي آهي جيڪو ھن ملڪ کي بھترين طريقي سان ھلائي سگهي ٿو .