لاهور: : گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم هلائڻ واري ڪيس ۾ اداڪاره عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. اداڪار علي ظفر جي درخواست تي اداڪاره ميشا شفيع سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) جو سائبر ڪرائم سيل هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهيو. ڪيس ۾ نامزد عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد ميشا شفيع سميت 8 جوابدارن کي ايف آءِ اي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا گهرايو پر جوابدار جاچ ۾ شامل نه ٿيا ان ڪري انهن جي گرفتاري جي لاءِ گهرن تي ڇاپا هنيا ويندا. ايف آءِ اي علي ظفر جي درخواست تي 2 سال جاچ کان پوءِ اداڪاره ميشا شفيع ۽ ان جي دوستن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.