شاھ لطيف جي پيغام سان فرقيواريت سوچ کي ختم ڪري سگهجي ٿو !


سنڌ سونهاريءَ واريءَ ڀاڳين ڀري ڌرتيءَ جنهن تي ڪيترائي محقيق اديب دانشور عالم فاضل شاعر پيدا ڪيا آهن ، انهن منهجان سدا حيات شاعر شاھ عبداللطيف رحه به هڪ آهي .جنهن ۾ ڏاهب دانائي سان عقل فهم جي ڪا کوٽ نه هئي، هن جي شاعريءَ ۾ جتي انسانيت جو پيغام عام ڪيو آهي ، اتي هن تصوف جو به درس ڏنو آهي . شروعاتي تعليم استاد محمد حسن کان حاصل ڪئي ، ننڊپڻ کان تعليم ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري پاڻ سان ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا ، جنهن ۾ قرآن مجيد ، شاھ عبدالڪريم جو رسالو ۽ مولانا رومي جو ڪلام وارا ڪتاب هن جي مطالعي هيٺ رهيا . هن جو محور سنڌ جي رهڻي ڪهڻي هتان جي ثقافت ، حب الوطني سان جذبو ، امن ڀائيچارو ، محبت وارا داستان شاعري جا مرڪز رهيا . پاڻ سادگيءَ واريءَ زندگيءَ بسر ڪيائون ، پراڻي هالا حويلي کي ڇڏي ڀٽ تي اچي رهيا جتي پاسي ۾ ڪراڙ ڍنڍ موجود هئي ، روايتن جي ورقن ۾ شاھ صاحب کي ننڊپڻ کان علم لدني حاصل هو ، پر ڪجهه ماڻهون جو خال آهي تي جڏهن پنهنجي مريد جي ڌي نالو عاسيه هو جڏهن هو بيمار ٿي تي ان ڇوڪريء بابا ڀٽائي رحه کي دعا ڦيڻو رکرائڻ لاءِ هن کي گهر ۾ گهرايو ، تڏهن شاھ رح کي ان جو حسن ڏسي عشق جي اهڙي تي چوٽ لڳي جو پاڻ کي اچي ڪنهن وارياسي ۾ پنهنجو آستان بڻايو . ان کانپوءِ شاعري جي شروعات ٿي . هن جي شاعري جو مجموعو شاھ جو رسالو آهي جنهن ۾ ٽيهارو کن سر آهن . ڪيترائي سر آهن جنهن مان ڪلياڻ جيڪو رب تعالي جي وحدنيت ان جي ساراھ بيان ٿيل آهي ،
اول الله ،عليم ، اعلي ،عالم جو ڌڻي ،
قادر پنهنجي قدرت سين ، قائم آھ قديم ،
والي ،واحد ،وحدھ ، رازق ،رب ،رحيم ،
سو ساراھ سچو ڌڻي ،چئي حمد،حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم ، جوڙون جوڙ جهان جي . (شاھ رحه)
هن شاعر ۾ خدا جي تعريف واکاڻ ڪئي آهي . جنهن هن ڪائنات جو خلق مالڪ هڪ خدا آهي ان پوري مخلوق جي رزق جو ذمو به خد ان پالهڻار کيون آهي .
سوئي راھ رد ڪري، سوئي رهنما ،
وتعز من تشاءَ و تذل من تشاّء .
هن شاعريءَ ۾ اهو سبق ملي ٿو ته جيڪو انسان جيڪڏهن ڀلو ڪندو ته ان کي بدلو جو نتيجو زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ضرور ان جو صلو ملندو ان جي ابتڙ ڪو فعل ڪندوته اهو دينا جي زندگيءَ ۾ ڪٿي ذليل خواري ئي نصيب ملندي .سر يمن ڪلياڻ جيڪو انسان جي تڪليفن سان جڙيل ڏک جڏهن انسان کي ڏک تڪليف پهچي ٿي تي اهو پنهنجي پالهڻار ڏانهن متوجهه ٿي ٿو. جئين هن بيت جيان ،
تون حبيب ، تون طبيب ، تون درد جي دواءِ،
جانب منهنجي جيءَ ۾ ، آزار جا انواع ،
صاحب ڏي شفاءَ ، ميان ! مريضن کي (شاھ).
هن مٿي بيت ۾ شاھ لطيف رحه پالهڻار رب کان مخاطب ٿيندي التجا ڪئي آهي تي تون ئي ڪريم آهن هر مرض جو علاج تون ئي ڪري سگهين ٿو .پاڻ جي زندگيءَ سادگيءَ واري رهي هن جا وڏا ڪوٽڙي درياءِ بند تي شروع واري ڏينهن ۾ اچي آباد ٿيا .هن کانپوءِ هتان لڏي پراڻي حويلي اچي آباد ٿيا ، اهو دور ڪلهوڙو جو بادشاهي هئي ، هن سدائين هڪ خدا جي تعليم جو محور رهيو .
اکر پڙھ الف جو ، ورق سڀ وسار ،
اندر تون اجار ، پنا پڙهندين ڪيترا (شاھ ).
هن جي بيت جتي سماج جي تبديلي ڳالھ ڪئي آهي اتي ڀٽائي توحيد جي به تعليم ڏني آهي . پر حقيقي عشق نانگ جي ڏنگ کان به وڌيڪ اثرائتيءَ ٿي ٿو ،
محبت جي ميدان ۾ ، ڪڏي پئو ڪاهي ،
ڇڏ آسنگا آرواح جا ، لاهوتي لاهي ،
عشق نانگ آهي ،خبر کاڌن کي پوي (شاھ).
ڏيکاءَ واريءَ محبت ۽ اصلي پيار ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي ، جنهن جو ذڪر خود لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ م ڪئي آهي ته خبر ان کي هوندي جنهن جڳهه تي باهه ٻرندي ائين تي هر ڪو محبت جون ڳالهيون ڪندو رهندو آهي .
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ ،
پسي لهس نه لچيا ، سڙيا مٿي سچ ،
سندا ڳچين ڳچ ، ويچارن وڃائيا .(شاھ).
ڀلي سچ وارا ٿورا هجن پر انهن جي ضمير جيڪڏهن روشن آهي تي اهي ئي فاتحا آهن ، ڇو جو اهڙا ڪئين مثال ملندا آهن ٿورا ئي ٿورا مون تي مائروڙين جا لک احسان ، گهڻا هجن ڪوڙ ٺڳي واري پاسي نيٺ تي انهن جو ضمير ملامت ڪندو اوهان غلط رستي واري واٽ تي آهيون .
چوڏهينءَ چنڊ تون اڀرين ، سهسين ڪريين سنگار ،
پلڪ پريان جي نه پرين ، جي حيلن ڪريين هزار ،
جهڙو تون سڀ ڄمار ، تهڙو دم دوست جو .(شاھ).
هر انسان جي سچائي سڃاڻپ دوست آهي ، جيڪڏهن دوست جي صحبت جو اثر تمام گهڻو ٿي ٿو .سٺي سنگت سان انسان ۾ ان جهڙي لڇڻ اچو وڃي ٿو ، ان جي ابتڙ انسان
جي زندگيءَ آڻ سوادگي بڻجيو وڃي ٿو .
سرديءَ سالم نه رهان ، ڪوسي سهان ڪان ،
امن ڏيج امان تون ، دور ڪري ٻيا دان ،
پانڊپ ! کائي پان ، وجهج پڪ پينارو تي . (شاھ)
انسان نه گرمي جي سٽ سهي نه سياريءَ جي اهو هڪ فطرت بڻيل آهي ، صبر سان اڳتي اچڻ گهرجي ۽ همت حوصلي جي واٽ ۽ رسي کي هٿان نه ڇڏي ان ۾ ئي هن جي ڪاميابي آهي .
حقيقت هن حال جي ، جي ظاهر ڪريان ذري،
ته وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀڙي ڪونه ڪو .(شاھ)
هن حقيقت جيڪڏهن ظاهر ڪريان تي ، لڳي ماٺاري مرن کي جي اشارو سرداريءَ نظام کڻي چئجي تي اهي منهنجي جان جا ويري ٿي پوندا .
اڄ پڻ اتر پار ڏي ، تاڙي ڪي تنوار ،
هارين هر سنباهيا ، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي پار ،وسڻ جا ويس ڪيا (شاھ).
هاريءَ جي محنت سان دينا جي ڪاروهنوار هلي ٿو ، پر ڪڏهن ڪڏهن موسمي برساتون پوڻ ڪري پوک نه ٿيڻ ڪري اهو مزدور ڏکيو ٿيو وڃي ، ان تي شاھ لطيف دعا ڪئي آهي تي هاري سدائين خوشحال هجي ان جي زندگي ۾ ڪو سو هواءِ نه لڳي .
ڪڪر منجهه ڪپار ،جهڙ نيڻيون نه لهي ،
جهڙا منهنجا سپرين ،تهڙا ميگهه ملار،
کڻ اکيون کل ، يار! وڃن سور سنڌا ڪيو .(شاھ)
ڏک سک زندگيءَ جو حصو آهي ، جيئن آسماني موسم جيان ڪڏهن جهڙ تي ڪڏهن آسمان صاف هوندو آهي ، هر تڪليف جو مقابلو ڪرڻ سکڻو آهي ،ان سان ئي زندگي ۾ ڪاميابي ملندي .هر طرح سان پنهنجي ڌرتيءَ ان جي ماڻهون ۾ محبت جو مٺاس سدائين نسن ۾ گردِش ڪندو رهي جيئن سنڌ خوشحالي واري رواداريءَ قائم رهي سگهي ، فرقيواريت ،انتهاپسندي واري ءَ سوچ ختم ڪري سگهجي ٿو ، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان شاھ جي رسالي جو ڏنل سبق تي عمل ڪنداسين ان سان ئي ڪاميابي اسان جا پير چمندي .

Read Previous

زمباوي ۽ نيوزيلينڊ جي خلاف سيريز: قومي اسڪواڊ لاءِ مشاورت مڪمل

Read Next

لوڪل گورنمينٽ ڳڙھي خيرو جي ملازمن پاران سنڌ گورنمينٽ کان پگھارون لاءِ احتجاج

Most Popular