زمباوي ۽ نيوزيلينڊ جي خلاف سيريز: قومي اسڪواڊ لاءِ مشاورت مڪمل

لاهور:زمباوي جي خلاف هوم سيريز ۽ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جي حوالي سان شروعاتي مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ مهيني کان انٽرنيشنل سرگرمين جي شروعات ٿي رهي آهي جڏهن ته نومبر جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستاني شاهينن جي به نيوزلينڊ روانگي پاڪستاني ٽيم سان گڏ شيڊيول آهي.ان ڪري زمباوي هوم سيريز ۽ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ رانديگرن جي نالن کي ايندڙ هفتي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ ان حوالي سان هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق شروعاتي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.نيوزيلنيڊ جي دوري لاءِ 35 رانديگرن کي فائنل ڪرڻ جو امڪان آهي، اسڪواڊ ۾ پاڪستان ٽيم ۽ پاڪستان شاهين جا رانديگر شامل هوندا. 

Read Previous

امريڪي صدر ۽ سندس زال ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

شاھ لطيف جي پيغام سان فرقيواريت سوچ کي ختم ڪري سگهجي ٿو !

Most Popular