لاهور:: بابر اعظم جي بيٽنگ ۾ سڌارو آڻڻ جي لاءِ محمد يوسف به سرگرم ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب انگلينڊ جي دوري کان پوءِ واپس ملڪ موٽندڙ نوجوان رانديگر ملتان ۾ جاري ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ جي پهرين مرحلي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. ان جي ٽيم سينٽرل پنجاب وقتي ڪپتان سعد نسيم جي اڳواڻي ۾ لاڳيتو ناڪامين جو شڪار ٿي رهي آهي. بابر اعظم راولپنڊي ۾ شروع ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي رونقن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي في الحال لاهور ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف کي پنهنجي بيٽنگ ۾ وڌيڪ سڌارو آڻڻ جي لاءِ رهنمائي حاصل ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ جي دوري ۾ يونس خان به بابر اعظم کي قيمتي مشورا ڏيندو رهيو آهي. هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق ۽ ان جو معاون شاهد اسلم به موجود آهي. ڏٺو وڃي ته بابر اعظم جي رهنمائي ڪندڙن جي ڪابه کوٽ نه آهي پر ان باوجود به هو بيٽنگ ۾ بهتر سڌارو نه آڻي سگهيو آهي.