نوابشاهه جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر پنھنجي مبينه غفلت سبب ھرنيا جو آپريشن ڪندي معصوم ٻارڙي جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) نوابشاهه جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر پنھنجي مبينه غفلت سبب ھرنيا جو آپريشن ڪندي معصوم ٻارڙي جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ احمد آباد جي رھواسڻ معصوم نينگر جي امڙ ميرزادي، خاصخيلي، نينگر جي ڏاڏي حميران، ناني بچان ۽ ٻين سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته ڪجهه ڏينهن اڳ منھنجي معصوم پٽ 7 ورھين جي امان الله خاصخيلي کي پيٽ ۾ سور پيو ھو جنھن کانپوءِ مان پنهنجي پٽ کي نوابشاهه جي نجي ميڊيڪل سينٽر تي کڻي آياسين جتي ڊاڪٽر نعيم ڀٽي پاران منھنجي پٽ جو ھرنيا جو آپريشن ڪيو ويو آپريشن دوران ڊاڪٽر نعيم ڀٽي اسان کي چيو ته توھان جي ٻار جي سنت به ڪري ٿو ڇڏيان ۽ اسان ڊاڪٽر نعيم ڀٽي کي ٻارڙي جي سنت کان روڪيو ليڪن ان جي باوجود ڊاڪٽر اسان جي ٻار جي سنت ڪئي جنهن جي ڪري ھن جو نازڪ عضوو ڪٽجي ويو جنھن بعد مان ڊاڪٽر کي چيو ته منھنجي پٽ جي زندگي ڪنھن ڪم جي ناھي ان کي زھر جي انجيڪشن ھڻي ماري ڇڏ ۽ مان ڪنھن به نه ٻڌائينديس، معصوم نينگر جي امڙ چيو ته ڊاڪٽر نعيم ڀٽي نشي جي حالت ۾ منھنجي پٽ جو آپريشن ڪيو جنهن جي ڪري منھنجي معصوم پٽ جي زندگي تباھه ٿي وئي آهي، ھن چيو ته آئون بيواهه آهيان ۽ منهنجو ھڪ سھارو منهنجو پٽ ھيو جنھن جي زندگي به ڊاڪٽر تباھه ڪري ڇڏي آهي، ھن چيو ته ڊاڪٽر ھڪ مھيني تائين علاج جو آسرو ڏنو ليڪن ھاڻي اسان کي گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر نعيم خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ڊاڪٽر جي سينٽر آڏو پيٽرول هاري خودڪشي ڪنداسين.

Read Previous

نوشهروفيروز: سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي 81هين سالگرهه جي تقريب

Read Next

مٽياري: آل پاڪستاني مري اتحاد جي گڏجاڻي ٿي گذري، مري قوم سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ متحد آهي

Most Popular