دادو جي يتيم نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ سول سوسائيٽي جي عورتن ۽ مردن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو

دادو:(ڊ ر) دادو جي يتيم نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ دادو جي سول سوسائيٽي روڊن تي نڪري آئي، سول سوسائيٽي جي عورتن ۽ مردن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي موڙ تي ڌرڻو هنڻي با اثر قبضا مافيه خلاف شديد نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي دادو جي يتيم نياڻي فرزانه جمالي چيو ته  با اثر سي آءِ اي انچارج دادو افتخار جمالي، سندس ڀاءَ آفتاب جمالي ۽ پيءَ غلام محمد جمالي والد کي زهر ڏيڻ بعد گذريل 14 سالن کان 27 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ويٺل آهن 14 سالن کان عدالت جا چڪر ڪاٽيا، عدالت سندس زمين تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي لکيو آهي پر ضلعي انتظاميا قبضو خالي نه ٿي ڪرائي ڏئي، جڏهن ته ان موقعي تي سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ساجد علي مستوئي، وفا چانڊيو، اعجاز علي ملڪاڻي، عبدالغفار جمالي، عباس وگهيو، لالا ستار قريشي، گلشير سولنگي، عبدالله کوکر، عبدالله شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته ظلم جي انتها آهي گذريل 14 سالن کان يتيم نياڻي جي زمينن تي با اثر قبضا مافيه جو قبضو آهي عدالتن فيصلو ڏئي ضلعي انتظاميا کي قبضو خالي ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ان باوجود به ضلعي انتظاميا با اثر قبضا مافيه کان قبضو خالي نه ڪرائي سگهي آهي، هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي انحرافي ڪري افتخار جمالي کي هوم ڊسٽرڪٽ ۾ سي آءِ اي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته با اثر قبضا مافيه يتيم نياڻي فرزانه جمالي کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا اهن، با اثر سي آءِ اي انچارج دادو افتخار جمالي کي فوري طور هتائي يتيم نياڻي فرزانه جمالي جي زمين تان قبضو خالي ڪرائي ڏنو وڃي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته يتيم نياڻي جي زمينن تي قبضا ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ با اثر قبضا مافيه سي آءِ اي انچارج دادو افتخار جمالي، سندس ڀاءَ آفتاب جمالي ۽ پيءَ غلام محمد جمالي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري يتيم نياڻي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي نياڻي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

18 آڪٽوبر تي مزار قائد جناح باغ ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي جي تياري لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ميرپور خاص جو اجلاس

Read Next

قرآن واحد ڪتاب آهي جيڪو انسانيت جي هدايت جو ذريعو آھي.مولانا خالقداد

Most Popular