18 آڪٽوبر تي مزار قائد جناح باغ ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي جي تياري لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ميرپور خاص جو اجلاس

ميرپورخاص رپورٽ (شاهزيب خاصخيلي) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ميرپور خاص پاران  18 آڪٽوبر تي مزار قائد جناح باغ ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي جي تياري لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ميرپور خاص جو اجلاس جيلاني هائوس ميرپور خاص ۾ پي پي ضلعي ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڌونڪائي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.  پاڪستان پيپلزپارٽي ميرپورخاص ضلعي پاران جناح باغ مزار قائد ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ وڏي جلسي ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  پاڪستان پيپلز پارٽي ميرپور خاص ضلعي جي گڏجاڻي ۾  پ پ ضلعي ميرپور خاص انفارميشن سيڪريٽري عبدالسلام ميمن,ميرپور ضلعو پي پي جو نائب صدر نياز بلوچ,پ پ ضلعي ميرپور خاص اڳواڻ مصطفيٰ منڱريو, پيپلز پارٽي ضلعي ميرپورخاص فنانس سيڪريٽري شاهنواز مغل,پ پ ضلعي ميرپور خاص ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اعجاز سومرو,پيپلز پارٽي ضلعي ميرپور خاص ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري عبدالجبار سميت سمورن  تعلقن ، شهرن، سب ونگ نوجوان.  هاري ڪميٽي  لائرز فورم  اقليتي  صدر ، جنرل سيڪريٽري ۽ انفارميشن سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.

Read Previous

ميرپورخاص۾ آٽا چڪي ايسوسي ايشن جي اگواڻن طرفان احتجاج ڪيو ويو

Read Next

دادو جي يتيم نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ سول سوسائيٽي جي عورتن ۽ مردن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو

Most Popular