قرآن واحد ڪتاب آهي جيڪو انسانيت جي هدايت جو ذريعو آھي.مولانا خالقداد

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) قرآن واحد ڪتاب آهي جيڪو انسانيت جي هدايت جو ذريعو آھي.مولانا خالقداد خبر موجب مدرسه باب الهدي ڳڙھي خيرو ۾  ٻن حافظ سڳورن حفظ مڪمل ڪيو.جنهن لاء مهتمم مولانا خالقداد بروهي طرفان دعائي تقريب جو انعقاد ٿيو. تقريب ۾ جي يو آئي تعلقه امير  مولانا سليم الله بروهي مولانا مجيب الرحمان ٻٻر, اسدالله حيدري, جان محمد جمالي,قاري فرحان, قاري اياز کوسو سميت اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ مدرسي جي استاد قاري شفيع محمد همايوني جي محنت جي قبوليت ۽ طلباء جي استقامت لاء دعا پڻ گهري وئي.

Read Previous

دادو جي يتيم نياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ سول سوسائيٽي جي عورتن ۽ مردن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو

Read Next

سانگهڙ عارف چني جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي پوليس ڪارروائي ڪري 12 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار ڪري ورتا

Most Popular