خيرپور: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن جي سڏ تي آبپاشي کاتي جي ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايريگيشن آفيس کان ريلي ڪڍي وئي

خيرپور (ڊر) سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن جي سڏ تي  آبپاشي کاتي جي ملازمن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ايريگيشن آفيس کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي چيئرمين فقير محمد اعظم، سيد دين محمد شاهه، غلام مصطفيٰ شر، محمد حسين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آپباشي کاتي جي ملازمن جا جائز مسئلا سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، صحت ڪارڊ، گروپ انشورنس نه ملڻ ڪري ملازم سخت پريشانين جو شڪار آھن جنهن جن ڄاڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، سنڌ وڏي وزير، ايريگيشن جي صوبائي وزير کي ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيڻ تي مايوس ٿي مرڪزي سڏ تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو  سلسلو شروع ڪيو آھي جيڪو مرحليوار جاري رهندو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته ايريگيشن ملازمن جا بنيادي ۽ جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ  ڪري سي ايم هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

Read Previous

دادو جي اسڪول ۾ گلوبل هينڊ واشنگ ڊي ملهايو ويو ٻارڙن کي صفائي سٿرائي ۽ هٿن کي سٺي ريت ڌوئڻ جا طريقا پڻ ٻڌايا ويا

Read Next

مٽياري جي نوجوان صحافي علي فيضان خاصخيلي جو چاچو شبير احمد (ابو) خاصخيلي ڪافي وقت کان بيمار رهڻ بعد 52 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular