سيوهڻ شريف : سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي احتجاجي ريلي

سيوهڻ شريف (رپورٽ : محمد حنيف شاھاڻي) سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلق آفيس کان پريس ڪلب تي احتجاجي ريلي، سوين ڪارڪنن احتجاجي نعريبازي ڪري سخت نعريبازي ڪئي، اڳواڻن پاران صدارتي آرڊينينس واپس وٺڻ جي گهرَ. تفصيل موجب سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ايس يو پي تعلقہ آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو، احتجاج ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذھبي ۽ قومپرست تنظيمن جي سوين ڪارڪنن شرڪت ڪري شديد نعريبازي ڪئي. احتجاج کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي سيوهڻ جي سيڪريٽري محمد نواز رند، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ علي اڪبر ملاح، سيوهڻ سوشل فورم جي چيئرمين محمد اشرف سولنگي، شيعا علماء ڪائونسل جي صفدر گاڏھي، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ امام علي جتوئي، سٽيزن ايڪشن ڪاميٽي جي بشير اوٺو، سينيئر قومپرست اڳواڻ مامو اصغر ڪوريجو، محمد خان سولنگي، منصور آزاد چنہ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي قومي ملڪيت ٻيٽن تي قبضي خلاف اڄ سموري سيوهڻ سميت سموري سنڌ سراپا احتجاج آھي جيڪو واضح پيغام آھي تہ سنڌ جي ماڻھن کي ڪنهن بہ صورت ۾صدارتي آرڊينينس ذريعي ٻيٽن تي قبضو قبول ناهي هنن وڌيڪ چيو تہ پيپلزپارٽي جي سرڪار مفاھمت ۽ منافقت جي ڪردار کي ختم ڪري فوري طور سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي صدارتي آرڊيننس جي خلاف قرارداد پاس ڪرائي. پيپلزپارٽي جي حڪومت اقتدار خاطر هميشہ سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندي رهي آهي پر کين ياد رکڻ گهرجي تہ سنڌ جو باشعور عوام سنڌ جي وحدت ۽ جاگرافيائي حدن جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي….

Read Previous

راهول گانڌي پاڪستان کي ڀارت کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن ڀنڊاڙ ء ڏنگي تي وفاق پاران قبضن خلاف احتجاج

Most Popular