ڪورونا وائرس جو ٻيو حملو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو: ماهر

لنڊن: طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪورونا وائرس مان هڪ دفعو متاثر ٿي صحتياب ٿي چڪا آهن هي وائرس ان تي ٻيون ڀيرو به حملو ڪري سگهي  ٿو. جڏهن ته ٻيو حملو اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ موتمار ٿابت ٿي سگهي ٿو.  اهڙن خيالن جو اظهار مشهور طبي تحقيقي ميگزين دي لينسٽ جي ويب سائٽ تي ان هفتي شايع ٿيندڙ هڪ ڪيس رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. ڪيس رپورٽ ۾ نيواڊا جي هڪ 25 ساله نوجوان جي باري ۾ ٻڌايو ويو اهي جيڪو اپريل جي مهيني ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو پر ان بيماري کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر  ساڳئي بيماري ان تي جون جي مهيني ۾ ٻيهر حملو ڪري ڏنو هو. ڪورونا وائرس مان ٿيندڙ  بيماري ڪورونا 19 جو ٻيون حملو وڌيڪ خطرناڪ هو جنهن جي نتيجي ۾ ان نوجوان جي رت ۾ اڪسيجن گهٽ ٿيڻ کان علاوه ان کي ساهه ٻوساٽجڻ جو به احساس ٿيڻ لڳو.  ان حوالي سان هنيئر تائين هالينڊ مان هڪ 89 ساله پوڙهي  عورت جي مرڻ جون خبرون اچي چڪيون آهن جيڪا ڪورونا وائرس جي پهرين حملي ۾ بچي وئي هئي پر ٻئي مرحلي  ۾ موذي وائرس ان کان حياتي کسي ورتي.   پر اها عورت  اڳ ئي ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ ان جي ڪيمو ٿراپي جاري هئي. پ پ اڳواڻ راشد رباني جي باري ۾ به اهو ئي چيو پيو وڃي ته ان جي موت ڪورونا وائرس جي ٻئي حملي سبب ٿي آهي.  پهريون ڀيرو هو مئي جي مهيني ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ضرور ٿيو هو جنهن جي خبر ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مان پئي هئي پر ان ۾ نشانيون ظاهر نه ٿيون ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو صحتياب ٿي ويو هو. ان تي ڪورونا وائرس جو ٻيون حملو سيپٽمبر جي ختم  ٿيڻ کان پوءِ ٿيو جيڪو اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ هو ۽ ان حملي سبب ان جي موت واقع ٿي.

Read Previous

پب جي گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي پٽ پاران پيءُ مٿان ڇريءَ سان حملي کان پوءِ آپگهات جي ڪوشش

Read Next

والاريل ڪشمير جي سياسي پارٽين دلي سرڪار خلاف نئون اتحاد جوڙي ڇڏيو

Most Popular