والاريل ڪشمير جي سياسي پارٽين دلي سرڪار خلاف نئون اتحاد جوڙي ڇڏيو

سرينگر: والاريل ڪشمير جي سياسي پارٽين دلي سرڪار جي خلاف نئون اتحاد جوڙي ڇڏيو آهي. آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪورونا وائرس جيان آهي جنهن جون نشانيون ڪجهه دير کان پوءِ ظاهر ٿينديون.  ڀارت نواز ڪشميري اڳواڻ سجاد لون به مودي سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. نيشنل ڪانفرنس جي اڳواڻ والاريل ڪشمير جي اڳوڻي ڪٺ پتلي وڏي وزير فاروق عبدالله جي سربراهي ۾ يارنهن سياسي پارٽين  جو اتحاد جوڙي ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد والاريل وادي جي خاص حيثيت کي بحال ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. هڪ سال کان پوءِ ڀارتي نظربندي مان آزاد ٿيندڙ اڳوڻي ڪٺ پتلي وزيراعليٰ محبوبه مفتي به پنج آگسٽ تي ڪارو ڏينهن  ۽ مودي سرڪار جي قدم کي ڌاڙو هڻڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بيان کي هڪ ٻئي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڀارت نواز سمجهيا ويندڙ سياستدان به  ڀارت جي خلاف ميدان ۾ اچي ويا آهن. پيپلز  ڪانفرنس جي اڳواڻ سجاد لون آرٽيڪل 370 جي خاتمي کي ڪورونا وائرس جهڙو خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته مودي سرڪار جي هن قدمن جا اثر بعد ۾ سامهون ايندا. ڪشميري قيادت نريندر مودي جي هٿان بيوقوف بڻجندا رهندا آهن ۽ ڪشميرين کان سندن حق به ڦري ورتا آهن.

Read Previous

ڪورونا وائرس جو ٻيو حملو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو: ماهر

Read Next

ڇا هانيه عامر سرجري ڪرائي ڇڏي آهي؟

Most Popular