قاضي احمد : ٽائون ڪاميٽي جي سوين ملازمن ۽ عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺا

قاضي احمد (رپورٽ  علي نواز جتوئي)   قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي جي سوين ملازمن ۽ عملي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر  ايڊمنسٽيٽر قاضي احمد عبدالقدير گجر جي ذيادتين خلاف ٽائون ڪاميٽي اڳيان نبي بخش کوسو, زاھد انڙ, سرائي الھرکيو جتوئي, ڄام جمشيد انڙ ,نور احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته فائربرگيڊ جي ڪم ڪندڙ عملي کي ملندڙ ھالي ڊيز اور ٽائيم جيڪو سڄي سنڌ جي ملازمن کي ڏنو ويندو آھي اھو قاضي احمد فائربرگيڊ جي عملي کي نه ٿو ڏنو وڃي اسان ھڪ مھيني کان وٺي ايڊمنسٽيٽر قاضي احمد کي چوندا پيا اچون ۽ کيس لکت ۾ درخواست ڏني آھي پر ھو ٽائون ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاء تيار ناھي  ھنن حڪومت سنڌ ۽ اعلي ا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايڊمنسٽيٽر عبدالقديرگجر کي فورن ھٽايو وڃي ۽ ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾  جيسيتائين ملازمن جا جائز مسئلا حل نه ٿا ڪيا وڃن تيسيتائين اسان جي ڪم ڇڏ ھڙتال سان گڏ احتجاج ۽ علامتي بک ھڙتال جاري رھندي…

Read Previous

مٽياري جي مرحوم ڏاڏو حاجي ھاشم سمون جي ايثال ثواب لاءِ پڳدار جاويد احمد سمون پاران محفل ميلاد مصطفا ﷺ جو شاندار اهتمام ڪيو

Read Next

ميهڙ : ڳوٺ وحدت ڪالوني ۽ ثاقب ڪالوني جا رهواسي ايس يو پي اڳواڻ پاران صفائي نه ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج ڪندي

Most Popular