اسرائيل ۽ متحده عرب امارات فري ويزا پاليسي تي اتفاق ڪري ورتو

تل ابيب:   اسرائيل ۽ متحده عرب امارات چار اهم  معاهدن تي اتفاق ڪري ورتو آهي جن مان هڪ معاهدي ۾ شهرين کي ملڪ ۾ داخلا جي لاءِ ويزا کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب متحده عرب امارات کان اسرائيل پهچندڙ وفد وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات کان اڳ اهم اختيارين سان ملاقاتن ۾ 4 معاهدن تي اتفاق ڪيو هو جنهن کان پوءِ وزيراعظم نيتن ياهو معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي هئي. ان مان هڪ معاهدي تحت ٻنهي ملڪن نئين ويزه فري پاليسي تي اتفاق ڪري ورتو آهي جنهن جي تحت ٻنهي ملڪن جا شهري ويزا کان سواءِ به مخصوص شهرن ۾ سفر ڪري سگهندا.  وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو يو اي اي جي وفد سان گڏ اسرائيلي دوري ۽ معاهدي تي اتفاق کي امن جي لاءِ سنهري موقعو قرار ڏنو. هن معاهدي کان پوءِ عرب دنيا ۾ اماراتي پهريان شهري بڻجي ويندا جنهن کي اسرائيل ۾ داخلا جي لاءِ اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هوندي. واضح رهي ته عرب ملڪن مان مصر 1979  ۽ اردن 1994ع ۾ اسرائيل سان امن معاهدو ڪيو هو  جڏهن ته ڪيترائي سال گذرڻ کان پوءِ هاڻ متحده عرب امارات ۽ بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن.

Read Previous

ميشا شفيع جي 4 سالن کان پوءِ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ واپسي

Read Next

شعيب منصور سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي: مايا علي

Most Popular