شعيب منصور سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي: مايا علي

ڪراچي:   پاڪستاني اداڪاره مايا علي مشهور هدايتڪار شعيب منصور جي ايندڙ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. ان حوالي سان هن چيو آهي ته شعيب منصور سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي.  مايا علي ٽن سالن کان پوءِ ڊرامه سيريل(پهلي سي محبت) سان گڏ هڪ دفعو ٻيهر ننڍي اسڪرين تي واپسي ڪري رهي آهي ۽ ان سان گڏ ئي هن مداحن کي هڪ ٻئي خوشخبري ٻڌائي آهي ته هو مشهور هدايتڪار شعيب منصور جي ايندڙ فلم ۾ بطور مرڪزي اداڪاره ڪم ڪندي.  هڪ پاڪستاني ويب سائيٽ موجب مايا علي فلم بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته مون کي شعيب منصور جي فلم جو حصو بنجڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي مايا علي چيو ته احسن رحيم ۽ عاصم رضا جهڙن مشهور هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان پوءِ هاڻ مان ٽئين فلم شعيب منصور سان گڏ ڪري رهي آهيان ۽ شعيب منصور سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.  فلم ۾ پنهنجي ڪردار جي باري ۾ ڳالهائيندي مايا علي چيو ته اهو خوبصورت ڪردار آهي ۽  اهڙو ڪردار مان پنهنجي زندگي ۾ اڳ ڪڏهن به ادا ناهي ڪيو.

Read Previous

اسرائيل ۽ متحده عرب امارات فري ويزا پاليسي تي اتفاق ڪري ورتو

Read Next

سري لنڪن پريميئر ليگ: وهاب رياض سلمان خان جي فرنچائز ۾ شامل

Most Popular