ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي قديمي درگاهه بابا سائين سيد غفور شاهه جيلاني جي درگاهه جو قبرستان قبضا مافيا جي ور چڙي ويو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي قديمي درگاهه بابا سائين سيد غفور شاهه جيلاني جي درگاهه جو قبرستان  قبضا مافيا جي ور چڙي ويو، قبرون مسماري ڪري دڪان ۽ جڳهون ٺاهڻ جو سلسلو جاري، ڀٽا براداري جو قبضا مافيا خلاف الله واري چوڪ کان  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ گل محمد ڀٽو، سجاد ڀٽو، رياض احمد ڀٽو، اشفاق احمد ڀٽو، محمد پريل ڀٽو ۽ ٻِين چيو ته قديمي درگاهه بابا سائين سيد غفور شاهه جيلاني جي درگاهه جي قبرستان تي محمد عثمان سولنگي خادم سولنگي ۽ ٻين پاران اسان جي وڏن جون قبرون مسمار ڪري اتي دڪان ۽ گهر ٺاهي رهيا آهن اسان اهڙو اطلاح پوليس ۽ انتظاميه کي پڻ  ڏنو آهي پر هن وقت تائين قبضا گيرن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ٿي سگهي جڏهن ته قبضا گير کين ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ ۽ جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن وڏي وزير، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قبضا گيرن خلاف ڪارروائي ڪري قبرستان تان قبضا هٽايا وڃن ٻي صورت ۾ ڊِي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندا

Read Previous

تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ الياس ٻرڙو جي رھواسي مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ زخمي

Read Next

مٽياري سنڌ خلاف ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿيندس، پيپلزپارٽي وارن جو ٻيٽن جي حوالي سان موقف چٽو نه آهي

Most Popular