تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ الياس ٻرڙو جي رھواسي مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ زخمي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ الياس ٻرڙو جي رھواسي مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ زخمي شعبان ٻرڙو، جنيسر ٻرڙو، اسحان ٻرڙو، مسمات ستابي ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آھي ته جوابدار علي حسن ٻرڙو، يعقوب ٻرڙو، سڪندر ٻرڙو ۽ ٻين اسان جي نوجوان شعبان ٻرڙو تي حملو ڪري ڪيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي جيڪو ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي، ھنن چيو ته جوابدارن اڳ ۾ به اسان مٿان حملو ڪيو ھو جنھن جو ڪيس جوابدارن خلاف سڪرنڊ ٿاڻي تي داخل آھي ۽ ان ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ جوابدارن اسان جي نوجوانن تي تشدد ڪيو آهي، ھنن چيو ته جوابدار بااثر آھن جن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني آرڊيننس ذريعي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Read Next

ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي قديمي درگاهه بابا سائين سيد غفور شاهه جيلاني جي درگاهه جو قبرستان قبضا مافيا جي ور چڙي ويو

Most Popular