خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ٽنڊومستي جي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين عاشق حسين، لعل بخش، وحيد، بالم، مسمات خانزادي، مسمات خيران، قزبانو، مسمات ميهر خاتون ۽ ٻين پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته پنج مهينا اڳ ٽنڊومستي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڀٽو ۽ اي ايس آءِ علي نواز چانڊيو، غلام عباس مهر، حسين بخش ڪانڌڙو اسان جي برادري جي چڱي مڙس علي ڏنو لانگاهه کي بيگناهه ٽريڪٽر ڦر جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کنڀي سخت تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ٽنڊومستي پوليس هن وقت تائين ڪيس به داخل نٿي ڪري ۽ نه جوابدارن کي گرفتار ڪري رهي آهي. هنن اعليٰ عدالتن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.