رحيم شاھ کي ڪراچي پوليس ويل چيئر تي ويهاري عدالت ۾ پيش ڪيو

دادو(ڊ ر) دادو جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج شفيع محمد پيرزادو جي عدالت ۾  ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪرڻ جي صدمي ۾ فوت ٿي ويل سندس ماسي سڪينه رانجهاڻي جي ڪيس جي دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. جوابدار رحيم شاھ کي ڪراچي مان پوليس دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. رحيم شاھ کي ڪراچي پوليس ويل چيئر تي ويهاري عدالت ۾ پيش ڪيو. رحيم شاھ عدالت ۾ ڪلمو ڀري ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪرڻ جي ڏوھ تان ڦري ويو. هن چيو مون پنهنجي بچاءَ ۾ فائر ڪيو ۽ 15 پوليس کي اطلاع ڏنو جيڪا ارشاد رانجهاڻي کي کڻي وئي پوليس تحويل ۾ ارشاد رانجهاڻي فوت ٿيو. عدالت رحيم شاھ کان جڏهن اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي تاريخ جو پڇيو ته رحيم شاھ چيو ته منهنجي ياداشت ڪمزور ٿي وئي آهي منهنجو جيل ۾ دماغ جو علاج هلندڙ آهي تاريخ ياد نه آهي مون کي وڪيل ڪرڻ لاءِ تاريخ ڏني وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي فريادي ڌر پاران وڪيل پير هني ڪيس جي پيروي ڪئي.

Read Previous

خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ٽنڊومستي جي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

پاڪستان جي عوام کي فرانس سان واپار جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪندي جي يو آئي طرفان پورو ھفتو احتجاج ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي مولانا فضل الرحمان

Most Popular