قاضي احمد : ڳوٺ چتن شاھ جي رھواسڻ بيوه مسمات جمال بااثر خلاف پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي

قاضي )احمد رپورٽ علي نواز جتوئي)  قاضي احمد لڳ ڳوٺ چتن شاھ جي رھواسڻ بيوه مسمات جمال خاتون زال بچل ڪنڀر پنهنجي ڀائٽي رسول بخش ڪنڀر حضور بخش ڪنڀر پوٽو بچل عرف بچو ڪنڀر جي ظلمن خلاف پريس ڪلب قاضي احمد پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ منهنجي ڌيءَ ڪافي وقت کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي جنهن جي علاج قرض کڻي مختلف اسپتالن مان دوا ڪرائي آهي اڃان وڌيڪ ڌيء جي علاج لاء پئسن جي ضرورت آھي منهنجي مڙس جو  پنهنجو پلاٽ چتن شاھ ۾ آهي جيڪو وڪرو ڪيان ٿي ته رسول بخش ڪنڀر حضور بخش ڪنڀر پوٽو بچل عرف بچو مون کي پلاٽ نٿا کپائڻ ڏين مان غريب بيوه آهيان الله کان سواءِ منهنجو ڪو بہ ٻيو سھارو نہ آهي مان مان پلاٽ کپائي پنهنجي ڌيءَ جو علاج ڪرائڻ ٿي چاهيان جنهن تي ڄاڻايل رشتيدار قبضو ڪيو ويٺا آهن ھن وس وارن کان گھر ڪئي آهي ته مونکي پنهنجو پلاٽ آزاد ڪرائي ڏنو وڃي جيئن آءٌ پنھنجي ڌيءَ جو علاج ڪرائي سگھان.

Read Previous

مٽياري جي درگاهه سيد ڏنو بادشاہ رحمت الله عليه ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو جشن ملهائڻ لاءِ محفل نعت شريف جو اهتمام ڪيو ويو

Read Next

سانگھڙ مذهبي تنظيم پاران بينر ھٿ ۾ کڻي فرانس خلاف احتجاجي ريلي

Most Popular