سانگھڙ مذهبي تنظيم پاران بينر ھٿ ۾ کڻي فرانس خلاف احتجاجي ريلي

سانگهڙ (رپورٽ ڊر ) سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سانگھڙ  ضلعي جماعت الصالحین مھتاب قادري سلطاني، ھيومين رائيٽس صدر عبدالغفار نظاماڻي، ايس ٽي پي جبار جوڻيجو، قاري جمال دين سڪندري، شاھد رضا سڪندري، خليفا راشد، چئمبر ڪامرس حاجي يامين عرف لالو قريشي ،سماجي اڳواڻ محمد رحيم خاصخيلي، مير حسن مري ۽ٻين ھجوم   جي صورت ۾ بينر ھٿ ۾ کڻي  نارا ھڻندي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،   بپنهنجي ميمبر ۽ عھديدارن سان گڏ فرانس جي حڪومت جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن چيو ته فرانس جي ھڪ صحافي اسان جي آخري نبي حضرت محمد مصطفا ﷺعليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪئي اسان ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسان کي ڏک آهي ته اسان جا مسلمان ڇو خاموش ويٺل آهن حڪومت ان لاءِ اڃان ڪجھ ڪو قدم نه کنيو آهي ڇو سست آهي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اسان جي حڪمرانن قرارداد پيش ڪئي آهي پر اھا به واضع نه ڪئي وئي آهي قرارداد جا نقطا ڪھڙا ڪھڙا آهن  پر حڪومت جي نااهلي سمجھ ۾  نه ٿي اچي قرارداد  منظور نه ٿي سگهي آهي ڇو اسان جي مسلمان ملڪ ترقي حڪومت سان گڏ ٻن ٽن ملڪن کي سلام پيش ٿا ڪيون  جنهن فرانس حڪومت جي واپار جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو آهي اسان کي افسوس آهي ته اسان جي حڪومت اڃان ڪنھن به شي ڪوبه بائيڪاٽ نڪيو آهي آخر ۾ اسان ھڪ دفعو وري پاڪستان جي حڪومت کي مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا مسلمان ملڪن جو ساٿ ڏيو نت ھندو انگريز پنهنجي مٿان قابض ٿي ويندا

Read Previous

قاضي احمد : ڳوٺ چتن شاھ جي رھواسڻ بيوه مسمات جمال بااثر خلاف پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي

Read Next

سانگهڙ شهر اندر گنڌو ڪچهري جي ڊيري سان لڳايو پيو وڃي

Most Popular