نوشهروفيروز (رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) نوشهروفيروز جي عدالت ۾ سانگهڙ واسي نوجوان ناري نسرين لاکو حيدرآباد جي نوجوان غلام شبير قمبراڻي سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته مون پنهنجي مرضي سان غلام شبير سان شادي ڪئي آهي پر هاڻي مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي هٿيار بند ٿي ڳولي رهيا آهن هن چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو اگر جيڪڏهن منهنجي مڙس ۽ سندس فيملي خلاف ڪو به ڪيس داخل ڪرايو وڃي اهو بيبنياد سمجهيو وڃي هن مطالبو ڪيو ته تحفظ ڏئي مائٽن خلاف قدم کينو وڃي