ميھڙرپورٽر(ميربابا) ميھڙ ڀرسان گاجي کھاوڙ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان لاشاري جا رھواسي علي اڪبر لاشاري ،غلام قادر لاشاري منير لاشاري عورتن سميت گهنٽا گهر چونڪ ميھڙ اچي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار اقبال چانڊيو ، ڪرم الله چانڊيو ، اسان جي زرعي زمين ء اسان جي پيداوار سارين جو فصل تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ھو ڏوھاري قسم جا ماڻھون آھن اسان کي مارڻ جو دمڪيو ڏئي رھيا آھن ھو ھٿيارن جي زور تي اسان غريبن جي ٻچن جو روزگار کسي رھيا آھن عورتن روئيندي چيو تہ اسان جي ٻچڙن کي خطرو آهي ھو ڏوھاري قسم جا ماڻهو آھن اسان ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ء آئي جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي زرعي زمين جي پيداوار واپس ڏياري اسان غريب مسڪين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت م اسان ايس ايس پي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين .