پنوعاقل: شهر ۾ هنڌن تي گندي پاڻي جي ناڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) پنوعاقل شهر سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن سانگي، شهرن حسين ڪلوڙ، نوراجا، هنڱورو، غريب آباد، بشير آباد، دادلوءِ، ڪلوڙ ڪالوني، مهراڻ ڪالوني، گلشن فاروق اعظم ڪالوني، مسڻ محلا، سميت ڪيترن ئي هنڌن تي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪروڙن جي لاڳت سان پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن، ايس ڊي او نياز شيخ، وجي گريڊيو، اصغر انڍڙ، بلال انڍڙ، انجنيئر ثناالله جوڻيجو، عبدالله سانگي، جويت مل ۽ ٻين گندي پاڻي جي نيڪال واري لڳايل چاليھ جي لڳ ڀڳ ڊسپوزل جي مشينن ۽ اليڪٽرونس موٽرون بيڪن کي پنهنجي غفلت سبب تباھ ڪري ڇڏيو ڪيترائي ننڍن وڏا شهر پاڙا ۽ ماڊل ڳوٺ ۾ نيڪال وارو گندو بدبوءِ دار پاڻي روڊن رستن، پاڙن، چوراهن، ۽ ماڻهن جي زرخيز زمينون ۾ داخل ٿي ويو ڪيتريون ئي زرخير زمينون ماڻهن جا قيمتي پلاٽن جو وڏو نقصان ٿيڻ لڳو پبلڪ هيلت کاتي جي سفارشي عملدارن جي نااهلي سبب ڪيترن ئي سالن کان ڊرينيج نالين کوهن، پائپ، موٽرن، بيڪن، ۽ ٻئي قيمتي سامان جو وڏي پئماني تي نقصان، سرويئر، داروگا، ٽيوبويل آپريٽر سميت سوين ملازم ويزا تي ويل ڪجھ عرصو اڳ يوسي، نداپور ۽ حسين ڪلوڙ لاءِ هڪ ڪروڙ 60 لک جي بجيٽ ۾ عملي طرح مرمتي ڪم ڪرائڻ بدران پبلڪ هيلت کاتي جا عملدار ۽ ٺيڪيدار نسيم شاھ، اڪبر شاھ ملي ڀڳت ڪري ڪجھ هنڌن تي سيمنٽ رکي ٺيڪيدار ۽ عملدار بجيٽ ڪاغذن ۾ هڙپ ڪري گم ٿي ويا سڄو علائقو گندگي ۽ گندي پاڻي جي بدبوءِ جي ور چڙهيل 40 ٽيوبويلن مان 13 ٽيوبويل بلڪل ناڪارا بڻيل، 27 ٽيوبويلن کي 2000 ليٽر روزانو تيل ڏيکاريو وڃي پيو ته انهن ٽيوبويلن جي به حالت خراب تيل جي بجيٽ به چٽ!  هم خيال ڪلوڙ ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ ڪلوڙ، گل زمان ڪلوڙ، خادم واگھو، مقصود ڀٽو، سليمان ڪلهوڙو، محمّد آچر سميجو، راشد جتوئي، غوث بخش شيخ، ڊيهل مهر، ۽ ٻين پاران پبلڪ هيلٿ کاتي جي سفارشي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن نسيم شاھ، اڪبر شاھ، ۽ ٻين خلاف صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته پبلڪ هليٿ کاتي سڄي تعلقي پنوعاقل ۾ انڍير نگري سبب سب مشينون ٽيوبويل خراب آهن علائقو گنددگي گندي پاڻي جي ور چڙحيل آهي ملازم گم آهن ڏيڍ ڪروڙ هنن تازو بجيٽ هڙپ ڪئي آهي، مٿان 4 ڪرورڙ ايندڙ ٻئي بجيٽ به سفارشي ٺيڪيدار ۽ عملدار هڙپ ڪري ويندا هنن گھر ڪئي ته پبلڪ هليٿ کاتي عملدارن ٺيڪيدارن خلاف ڪاروائي ڪري ڊرينيج گندي پاڻي جي نيڪال کي بهتر نه بڻايو ويو ته پريس ڪلب پنوعاقل آڏو بک هڙتال شروع ڪنداسين

Read Previous

ميھڙ : گاجي کھاوڙ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان لاشاري جا رھواسي احتجاجي مظاهرو ڪندي

Read Next

سانگهڙ ۾ موجود تيل ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ تي سوين مري قوم اتحاد جي ماڻهن جو ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاج

Most Popular