نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ شريف چانڊيو جي رھواسين پاران نينگري جي مبينه طور اغوا خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ نينگري جي والد اقبال چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي 10 ورھين کي نينگري ثمينه کي جوابدار اعجاز چانڊيو، رانجھو چانڊيو، سجاد ۽ ٻيا ٽي ڏينھن اڳ رات جي وقت گھر مان ھٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن، جنھن بعد اسان واقعي جي شڪايت حد جي ٿاڻي جي داخل ڪرائڻ وياسين ته پنھل خان چانڊيو ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ھنن چيو ته حد جي پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي ۽ اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن چيو ته اسان غريب آھيون، جوابدارن منھنجي نينگري کي اغوا ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته منھنجي اغوا ٿيل ڌي کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.